اضعف هالائي

اضعف هالائي

اضعف هالائي

اضعف هالائي: شاعر ۽ نثر نويس جان محمد اضعف هالائي ولد عبدالرؤف ابڙي 14 آگسٽ 1897ع تي هالا ۾ جنم ورتو. هن مقامي سطح تي تعليم حاصل ڪئي. اسلامي تبليغ جي موضوع تي سندس لکيل مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل آهن. هيءُ اعليٰ درجي جو خط نويس ۽ شاعر هو. انشا پردازي ۽ شاعريءَ ۾ سندس استاد حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ۽ محمد هاشم مخلص هئا. سندس ڪلام مذهبي موضوعن: نعت گوئي ۽ حمديه نظم تي مشتمل آهي. هيءُ خلافت تحريڪ ۾ به متحرڪ رهيو ۽ سندس شعله بيان تقريرن کيس مشھوري ڏني. انجمن مولود النبي هالا ۾ به الحاج پير سائل هالائي جي سنگت ۾ڇھه سال سرگرم رهيو. حضور ڪريم صلي الله عليه وآلھ وسلم جن جي سيرت تي لکيل سندس ڪتاب ’احوال محمدي‘ انجمن مولود النبي هالا پاران ڇپجي پڌرو ٿيو ۽ سندس مقالن جو مجموعو ’واٽون ويھه ٿيون‘ (1973ع) به ڇپيل آهي. هن 08 مارچ 1979ع تي وفات ڪئي.


لفظ اضعف هالائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1897.08.14  عيسوي

شاعر ۽ نثر نويس جان محمد اضعف هالائي ولد عبدالرؤف ابڙي 14 آگسٽ 1897ع تي هالا ۾ جنم ورتو.


1979.03.08  عيسوي

اضعف هالائي 08 مارچ 1979ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

زهراوي ابوالقاسم
جان محمد عباسي فدا
آريسر واھي فقير
زيدي ڊاڪٽر ظفر حسنين
ٽنڊولڪر سچن
جادوگر
سيد شفيق حيدر موسوي
بهاول خان عباسي3
عدر سلطان ميان
جيلاني ولايت شاهه سيد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون